| ڪمند پيڙهائي لاءِ آبادگار اتحاد جو سڀاڻڪو احتجاج ملتوي |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪرڻ ۽ اگهه مقرر نه ڪرڻ تي 24 نومبر تي رٿيل احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو تڪراري ڪئنالز جي مسلسل وھڪرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته اسان ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪرڻ ۽ ريٽ مقرر لاءِ عدالت م ويا آھيون جتي 28 نومبر تي پيشي رکيل آهي اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد ۽ اعتماد آهي. سنڌ آبادگار اتحاد سنڌ م آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اھو سلسلو ايئن ئي جاري رھيو ته سنڌ م پاڻي کوٽ ڪر کڻندي ۽ فيبروري کان پاڻي موجود نه ھوندو جنھن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽو خريف سخت متاثر ٿيندو سنڌ آبادگار اتحاد سمجھي ٿو ته ڪينالز جي معاملي تي جدوجهد جي سزا سنڌ کي ڏني پئي وڃي