ڪمون شهيد واسي نوجوان مبينا طور اغوا، فصل مان ڪوڏر هٿ

جُولاءِ 19, 2023

ڪمون شهيد (ن پ ا) ڪمون شهيد جي ڳوٺ صالح چاچڙ واسي  نوجوان قبول احمد ڪوش مبينا طور اغوا ٿي ويو، ان ڏس ۾ نوجوان جي ڀاءُ مراد ڪوش موجب ته ڀاءُ فصل کي رات جو پاڻي ڏيڻ لاءِ ويل هو

 صبح تائين واپس نه پهتو، اسين ٻني تي وياسين اتي ڪوڏر سميت   ڀاءُ جو ڪجھه سامان پيل هو، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي

 ٻي طرف اوٻاوڙو پوليس موجب ته اسان کي قبول ڪوش جي ڀاءُ سندس گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آهي، جاچ ڪريون پيا

Leave A Comment