ڪمون شهيد ۾ مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ: ناري قتل: پيءُ زخمي

ڪمون شهيد ۾ مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ: ناري قتل: پيءُ زخمي

ڪمون شهيد (ن پ ا) ريتي ٿاڻي جي حد نرلي مائينر وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس پيءُ زخمي، نرلي مائينر وٽ پنهنجي ڀاءُ جي گهر کان واپس پنهنجي گهر ويندڙ ايوب کنڀڙو ۽ سندس نوجوان ڌيءُ فاطمه کنڀڙو تي رستي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ناري فاطمه کنڀڙو ٿڏي تي ئي مارجي وئي، سندس پيءُ ايوب کنڀڙو زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ناري جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل  ڪيو،  ٻي طرف مقتولا ناري جي چاچي الطاف کنڀڙو جو چوڻ هو ته اڻڄاتل هٿياربندن منهنجي ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪئي آهي، جنهن ۾ ناري قتل ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان جو ڪنهن سان به تڪرار ناهي، واقعي جي جاچ ڪئي وڃي،  هوڏانهن ايس ايچ او احسان مهر جو چوڻ هو ته ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.