| ڪميشن خلاف احتجاج جي حمايت، سياسي حالتون ڳڻتي واريون آهن: زين شاهه |
ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ آهي ته ملڪ جون معاشي توڙي سياسي حالتون ڳڻتي واريون آهن، ملڪ جي حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري ڪشميري به ھاڻي مظاهرا پيا ڪن. انھن جي قتل عام تي افسوس ڪجي ٿو. سيد زين شاھ چيو تہ سنڌ ۾ ھلندڙ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا. اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جميعت جو سنڌي شاگردن تي حملي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ جماعت اسلامي جي قيادت کي چئون ٿا ته پنهنجي شاگرد ونگ تي ضابطو آڻين. سيد زين شاھ پاران 5 آگسٽ 2026 تي سياسي قيدين جي آزادي لاءِ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويندو. 27 سيپٽمبر 2026 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ عالمي ندين جو ڏينھن ڀرپور طريقي سان ملھائيندي ان سان گڏوگڏ سوين ڳوٺن ۾ وڃي اسان جا ڪارڪن پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي لاءِ آگاھي ڏيندا.