ڪمپنيون ٻه آمدني ساڳي، هڪ جا ٻه ملازم ٻي جا 24 سئو

ڪمپنيون ٻه آمدني ساڳي، هڪ جا ٻه ملازم ٻي جا 24 سئو

دبئي (انٽريسٽنگ نيوز) تصور ڪريو هڪ اهڙي ڪمپني جيڪا روزانو 3 ملين ڊالر جو ڪاروبار ڪري ٿي پر ان ۾ صرف ٻه ملازم آهن؟ يقين ڪرڻ مشڪل آهي نه؟  پر مصنوعي ذهانت AI جي مهرباني اهو سڀ ڪجهه ممڪن بڻايو. ميٿيو گالاگر ننڍپڻ کان ئي موٽلز ۽ ڪارن ۾ وڏو ٿيو ۽ پنهنجي گريجوئيشن به مڪمل نه ڪئي. هو هڪ اداڪار جي حيثيت سان آمريڪي شهر لاس اينجلس هليو ويو، پر 2024 ۾ هن فيصلو ڪيو ته هاڻي هو پنهنجي ڪمپني شروع ڪندو. ميٿيو وٽ صرف 20,000 ڊالر ۽ چيٽ جي پي ٽي ۽ گرول جهڙا اي آءِ ٽولز هئا. انهن جي مدد سان، ميٿيو مڊوي ڪمپني قائم ڪئي جيڪا هڪ ٽيلي هيلٿ ڪمپني آهي. اي آءِ ان لاءِ ڪوڊنگ ڪئي، ان لاءِ اشتهار ٺاهيا. هي ساڳي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙن کي سنڀاليندي آهي جڏهن ته منافعي تي نظر رکي ٿي. اهڙي طرح صرف 14 مهينن ۾ مڊوي صفر کان 1.8 بلين ڊالر جي آمدني حاصل ڪئي. ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي ٽيلي هيلٿ ڪمپني هِمس اينڊ هرس، 2,400 ماڻهن کي ملازمت ڏئي ٿي ۽ ان جي آمدني به تقريباً 1.8 بلين ڊالر آهي. ميٿيو جي ڪمپني جو ملازم صرف سندس ڀاءُ ايليئٽ آهي ۽ ان جو ڪو به بورڊ آف ڊائريڪٽرز ناهي. 100 سيڪڙو ملڪيت سان، ميٿيو پنهنجي ڀاءُ ۽ اي آءِ جي مدد سان ڪمپني هلائي رهيو آهي.