ڪمپني ملازم ٽيڪائي ڇڏيا، ڪي بورڊ جي سونن بٽڻن جا تحفا

ڪمپني ملازم ٽيڪائي ڇڏيا، ڪي بورڊ جي سونن بٽڻن جا تحفا

بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) ڪمپني ملازمن کي ٽيڪائي ڇڏيو، ڪي بورڊ  جي سونن بٽڻن جو تحفو ملي ويو. چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني 4 سالن کان لڳاتار سون جا بٽڻ تحفي ۾ ڏيندي رهي ٿي. انسٽا 360 نالي ڪمپني چيني صوبي گوانگ ڊونگ جي شهر شينزن سان تعلق رکي ٿي، گذريل 4 سالن کان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ملازمن کي بونس طور سون جا ڪي ڪيپس (بٽڻ) انعام ۾ ڏئي رهي آهي. تازو ڪمپني طرفان 21 سون جا ڪي ڪيپس انعام طور ڏنا ويا، جن مان سڀ کان وزني ڪي ڪيپ اسپيس (space key) جو هو، جنهن جو وزن 35.02 گرام هو،  خالص سون مان ٺهڻ سبب ان جي قيمت 3 لک 20 هزار يوان (1 ڪروڙ 26 لک پاڪستاني رپيا ) تائين پهچي وئي. انسٽا 360 ڪمپني هر سال پروگرامرز ڊي تي اهڙا سون جا تحفا ملازمن ۾ ورهائي ٿي. گذريل سالن ۾، 55 سون جا ڪي ڪيپس ملازمن ۾ ورهايا ويا هئا، جيڪي ڪمپني جي بهترين ڪارڪردگي وارن ملازمن کي انعام طور ڏنو ويو. سون جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ سبب، اهي سون جا بٽڻ وڌيڪ قيمتي ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه، انسٽا 360 ڪمپني کي چيني ٽيڪنالاجي انڊسٽري ۾ “گولڊ فيڪٽري” جو لقب ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ملازمن کي سون جي صورت ۾ بونس فراهم ڪري ٿي. ڪمپني جي 10 سالن واري سالگره  تي سڀني ملازمن کي “گولڊ بلائنڊ باڪس” تحفي ۾ ڏنو ويو، جنهن ۾ خالص سون جا اسٽيڪرز موجود هئا. هر اسٽيڪر جو وزن 0.36 گرام هو. باڪس تي هڪ اهم پيغام لکيل هو، جنهن ۾ لکيل هو  ته، “هن جي سڄي چمڪ سون سبب ناهي، توهان به ان جو اهم حصو آهيو.” جن ملازمن جي شادي ٿئي ٿي يا ٻار پيدا ٿين ٿا، انهن کي ڪمپني طرفان 1 گرام وزن وارو خالص سون جو سڪو تحفي طور ڏنو ويندو آهي. انسٽا 360 جي باني، ليئو جيانگ ڪانگ مطابق ڪمپني سون پنهنجي مالي قيمت جي لاءِ نه پر ان جي استحڪام جي علامت طور ڏيندي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته ڪمپني جو استحڪام پنهنجي صلاحيتن تي ٻڌل ملازمن تي دارومدار رکي ٿو.