ڪنب: جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو
جُون 18, 2025
ڪنب (پنهنجي ڊيسڪ )ڪنب لڳ چار ڏينھن اڳ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو، ڄامڙا ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙي ۾زخمي ٿيل ياسر ڄامڙو گمس اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو،ڪنب پوليس نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ڪوٽڏيجي منتقل ڪري ڇڏيو، واضع رھي ته ڄامڙا ۽ راڄپر ڌرين وچ ۾ زمين جي ڀيل تان جھيڙو ٿيو ھيو.