ڪنب (رپورٽر) ڪنب جي سيال محلي ۾ 8 سالن جي معصوم ٻارڙيءَ سان مبينا زيادتي، وارث نينگري کي ٻانهن ۾ کڻي ٿاڻي پهتا
ٻارڙيءَ جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار عاقب ٻارڙيءَ کي جهنگ ۾ کڻي وڃي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
وارث ٻارڙيءَ کي کڻائي ٿاڻي تي پهتا، جنهن بعد پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي ٻارڙيءَ کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو