| ڪنريءَ ويجھو ٽن ٻارن جي ماءُ جو لاش هٿ، خودڪشي قرار |
ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ڳوٺ فقير عبدالله انڙ ۾ 30 ورھين جي کيمي زال رانجهو ڀيل جو گهرن ڀرسان نم جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو اطلاع تي پوليس پھچي مڙھ کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو. جتي فوتي عورت جي وارثن ٻڌايو تہ عورت پنھنجي مڙس سان گهرو اڻبڻت تان جھيڙي بعد ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آھي ڪنھن تي به ڪو شڪ ناهي، فوتي عورت ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي ماءُ ھئي، ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته ابتدائي طور واقعو آپگھات آھي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون، هوڏانھن تعلقي اسپتال مان فوتي ناري جي مڙھ جو پوسٽمارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.