ڪنريءَ ۾ سرن جي بٺي ۽ نجي جيل تي ڇاپا، 20 پورهيت بازياب

ڪنريءَ ۾ سرن جي بٺي ۽ نجي جيل تي ڇاپا، 20 پورهيت بازياب

 ڪنري (ن پ ا) عدالتي حڪم تي ڪنري پوليس جا سرن جي بٺي ۽ ٻن زميندارن جي مبينا نجي جيل تي الڳ الڳ ڇاپا، 20 پورهيت بازياب ڪرائي ورتا. خبر موجب سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ڌار ڌار ڪاروايون ڪندي 20 پورھيتن کي بازياب ڪرائي ورتو، پوليس اڪرم پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي 10 پورهيتن کي بازياب ڪرايو، درخواستگذار لڇمڻ ڪولھي مزدورن جي بازيابي بابت عدالت ۾ درخواست ڏني هئي بازياب ٿيل مزدورن ۾ تارڪي، درگا، لالچند، مگھن، اندران، جيٺو ۽ ٻيا شامل آھن. پوليس ٻئي ڪاروائي ۾ پوليس راشد آباد لڳ زميندار اسلم آرائين جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي 5 ڄڻن کي بازياب ڪرايو، درخواستگذار راڻو ڀيل جي فرياد تي ڪئي وئي بازياب ٿيل هارين ۾ ٻٻري، ٺارو، نارو، پريم شامل آھن، جڏھن ته ٽئين ڪاروائي مير حسن خاصخيلي جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي 5 هارين کي بازياب ڪرايو، درخواستگذار رامجي ڪولھي جي درخواست تي ڪاروائي ڪئي وئي، هارين ۾ ويرجي، پاروتي، سپنا، نانجي شامل آھن، هارين ۽ مزدورن پاران گھٽ اجرت، سخت پورهيي ۽ حساب ڪتاب نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آھن، پوليس پاران سمورن هارين ۽ بٺي مزدورن کي ڪنري ٿاڻي آندو ويو، کين اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.