ڪنريءَ ۾ کٿابيءَ سان مبينا بدفعلي: پيش امام  گرفتار

ڪنريءَ ۾ کٿابيءَ سان مبينا بدفعلي: پيش امام  گرفتار

ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ ڀڏو ڪپري ۾ مسجد جي پيش امام پاران 13 ورھين جي کٿابي (ا ڪ) سان مبينا طور بدفعلي ڪئي وئي آهي، واقعي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي پوليس کتاڀي ٻار جي والد ستار ڪپري جي فرياد تي الزام هيٺ پيش امام سڪندر چاچڙ خلاف ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ پيش امام کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته منھنجو پٽ (ا ڪ) مسجد ۾ پڙھندو هو جيڪو هفتو کن اڳ مسجد ۾ پڙھڻ ويو جتي پيش امام سڪندر چاچڙ ساڻس زيادتي ڪئي پٽ خوف سبب ڳالھ نه ڪئي ۽ ڳوٺ ۾ ڳالھ کلي ۽ سوشل ميڊيا تي تصويرون اچڻ بعد اسان کي خبر پئي ته پيش امام پٽ سان زوري زيادتي ڪئي آھي، ڪنري پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد متاثر کتاڀي 13 سالن جي نينگر (ا ڪ) جي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪندي کين ميڊيڪل لاءِ اسپتال اماڻي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪريون پيا ۽ گرفتار پيش امام کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين.