ڪنري جي حر جماعت جي مريدن جو هٿ بند، خليفي تي الزام

ڪنري جي حر جماعت جي مريدن جو هٿ بند، خليفي تي الزام

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان پڌريو فارم جي رهواسي ۽ حر جماعت جي مريد فقير محمد حسن کوسو هٿ بند هجڻ خلاف پنهنجي گهرواري مسمات ڀمڀي، پٽن قربان کوسو، صلاح محمد کوسو ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته لڳ ڀڳ پندرهن سال اڳ فقير موسيٰ کوسو، قيصر کوسو ۽ ٻين سندن زرعي زمين ڏانهن ايندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر مبينا طور اڳوڻي خليفي احمد بخش راڄڙ سان ملي ڪري حر جماعت جي ڪميٽي ذريعي سندس “هٿ بند” ڪرائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته گذريل اٺن سالن کان سندس هٿ بند آهي، جنهن سبب کيس سماجي طور الڳ ٿلڳ ڪيو ويو آهي ۽ سندس سڄو خاندان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. فقير محمد حسن کوسو ٻڌايو ته هو ان معاملي بابت جماعتي ڪميٽي کي ڪيترائي درخواست ناما ۽ خط لکي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا پير صاحب پگارا جي ڳوٺ وڃي به فرياد ڪئي، پر اڃا تائين سندس شڪايت تي ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف زرعي پاڻي بند ڪري سندن روزگار جو ذريعو ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف “هٿ بند” ڪرائي کين سماجي ۽ معاشي طور نقصان پهچايو پيو وڃي، جيڪو سندن خاندان جي معاشي قتل جي برابر آهي. احتجاج دوران فقير محمد حسن کوسو ۽ سندس گهرڀاتين پير صاحب پاڳاري کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، سندن “هٿ بند” کولرايو وڃي، زرعي پاڻي بحال ڪيو وڃي ۽ کين بنا دير انصاف فراهم ڪيو وڃي.