ڪنري: مبينا اغوا نينگري جو ڪيس داخل، لڄالٽ ۽ شادي جو خدشو ظاهر

ڪنري: مبينا اغوا نينگري جو ڪيس داخل، لڄالٽ ۽ شادي جو خدشو ظاهر

ڪنري (ن پ ا) سامارو لڳ ڳوٺ شورا فارم واسي ڀيرو ڪولھي ڪنري ٿاڻي پھچي ڌيءُ لڇمي ڪولھي جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪيس ۾ چار ڄڻن جمعون سولنگي، شيرو، خيرو ۽ نورو سولنگي کي نامزد ڪيو ويو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته هفتو اڳ ڪيس جوابدار گهر ۾ گھڙي هٿيارن جي زور تي 16 سالن جي لڇمي ڪولھي کي اغوا ڪري کڻي ويا، جوابدار هم صلاح ٿي منھنجي ڌيءُ کي زنا ڪرڻ يا شادي ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪري ويا آھن، نيڪ مردن کي دانھن ڏني پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، هن مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي موٽائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانھن ڪنري پوليس ڪيس داخل ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي تاحال ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگھي.