ڪنري ويجهو نوجوان گرفتار، ماڻهو وچ ۾ اچي ويا، چڪريون، پوليس موبائل کي نقصان، وڪيل جا ڪپڙا ليڙون، هڙتال

ڪنري ويجهو نوجوان گرفتار، ماڻهو وچ ۾ اچي ويا، چڪريون، پوليس موبائل کي نقصان، وڪيل جا ڪپڙا ليڙون، هڙتال

ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري پوليس پڪو موڙ اسٽاپ تي ڪيبن تي ڇاپو ھڻي نوجوان زبير احمد چانڊيو کي منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، نوجوان جي گرفتاري بعد مڇريل ماڻھن نوجوان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته گرفتار نوجوان جي وارثن ۽ پوليس وچ ۾ منھن ماري، جهيڙو ۽ چڪريون ٿي پيون، ان دوران پوليس موبائل کي نقصان پھتو، گرفتار نوجوان جي ڀاءُ وڪيل قاضي فتح چانڊيو جا ڪپڙا ڦاٽي پيا، جنھن بعد پوليس پڪڙيل نوجوان کي کڻي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارروائي خلاف پڪو موڙ اسٽاپ تي دڪاندارن ھڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، وڪيل نوجوان قاضي فتح خان چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي الزام لڳايو ته ايس ايچ او 2 مھينا اڳ مون کي ڌمڪيون ڏنيون هيون اڄ پوليس اسان جي اوطاق تي ڇاپو ھڻي ڀاءُ کي بيگناھ گرفتار ڪيو آھي، هن چيو ته پوليس مون تي تشدد ڪري منھنجا ڪپڙا ڦاڙيا ويا ايس ايچ او ڪوڙا ڪيس ڪري ڌمڪيون ڏنيون آھن اسان پرامن ماڻھو آھيون ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين. ٻئي پاسي ڪنري پوليس گرفتار نوجوان زبير چانڊيو سميت 35 کان وڌيڪ ماڻھن خلاف ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، ڪيسن ۾ زبير چانڊيو، سندس ڀاءُ دلاور چانڊيو، منصور چانڊيو، سنجر، وحيد، غلام حيدر سميت  سڃاتل ۽ اڻسڃاتل 35 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، داخل ڪيسن ۾ گٽڪا مين پڙي ايڪٽ، پوليس تي حملو، ڊيوٽي اٽڪاءُ، جهيڙو، موبائل کي نقصان پھچائڻ جا قلم شامل آهن. پوليس ڪيسن ۾ موقف اختيار ڪيو ته منشيات فروش منصور ۽ زبير چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ وياسين ۽ زبير کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقلي دوران سندس مائٽن رستا روڪ ڪري جوابدار کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس سان جهيڙو ڪيو، جوابدارن موبائل جو نقصان ۽ جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪيو، پوليس ٻنھي ڪيسن بعد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٻي جوابدار منصور عرف دادا چانڊيو معززين معرفت پوليس وٽ پھچي گرفتاري ڏئي ڇڏي.