ڪنري( ن پ ا)سامارو پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي
گذريل ڏينهن سامارو ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿيل 7 ورهين جي پوجا کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي
سامارو پوليس صبح سوير ڪاروائي ڪري ٻارڙي کي بازياب ڪرائي لڇمڻ پٽ ڪشور ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو
بازياب ٿيل ٻارڙي پوليس کي ٻڌايو آهي ته جوابدار مون تي سڄي رات منهن ٻڌي تشدد ڪندو رهيو نڪ ۾ پاتل ڪوڪو به لاهي ڇڏيو
ايس ايڇ او خليل ڪنڀار صحافين کي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري اغوا ٿيل ٻارڙي پوڄا اوڏ کي بازياب ڪرائي جوابدار لڇمڻ ڪولهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي