| ڪنري: پيش امام کٿابي سان بدفعلي جو اعتراف ڪري ورتو، جيل حوالي |
ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ڀڏو ڪپري جي مسجد ۾ کٿابي نينگر 13 ورھين جي (ا ڪ) سان مبينا بدفعلي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مولوي سڪندر چاچڙ کي ڪنري پوليس رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ون ۾ پيش ڪيو، جوابدار جي پيشي دوران متاثر نينگر پنھنجي والد سان گڏ عدالت پهتو، جتي عدالت ۾ متاثر نينگر جو قلم 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، متاثر نينگر عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته آئون مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙھڻ ويندو هئس جتي مولوي زوري زيادتي ڪئي ۽ وڊيو ٺاھي ڌمڪايو ته جيڪڏھن ڪنھن کي ٻڌايو ته وڊيو وائرل ڪندس، جڏھن ته عدالت ۾ پيشي کان اڳ گرفتار جوابدار سڪندر چاچڙ پاران ميڊيا آڏو نينگر سان بدفعلي جو اعتراف ڪندي چيو ته مونکان غلطي ٿي وئي آھي، پنھنجي ڪيل عمل تي شرمنده ۽ پشيمان آھيان. ٿي سگهي ته مون کي معافي ڏني وڃي. ھوڏانھن عدالت جوابدار مولوي سڪندر کي جوڊيشنل رمانڊ تي سب جيل عمرڪوٽ اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هفتو کن اڳ جوابدار سڪندر چاچڙ کٿابي نينگر سان مبينا بدفعلي ڪئي هئي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد گذريل ڏينھن متاثر نينگر جي والد ستار ڪپري جي فرياد تي مولوي سڪندر چاچڙ خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو هو.