ڪنري ۾ انتظاميا پاران پيٽرول پمپن تي ڇاپا، ماپ اڻپوري هجڻ جو انڪشاف

آگسٽ 1, 2023

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم پاران شھر جي پيٽرول پمپن جو دورو ڪري ڇاپا ھنيا، اي سي جي ڇاپن دوران پمپن جا ڪي فارم ۽ پيٽرول جي ماپ اڻپوري ھجڻ جو انڪشاف سامھون آيو

 ڪي فارم نه ھجڻ ۽ ماپ اڻپوري ھجڻ تي اي سي پاران گوھر پيٽرول پمپ ۽ خالد آرائين پيٽرول پمپ کي سيل ڪري ڇڏيو جڏھن ته وڪرو ٿيندڙ پيٽرول جي ماپ اڻپوري ھجڻ تي ٻن پمپن تي ھزارين رپيا ڏنڊ وڌو ويو آھي

 اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم جو چوڻ ھو ته ڊي سي عمرڪوٽ جي ھدايتن تي ڪاروايون ڪيون پيا، ٻن پمپن جا ڪي فارم موجود نه هئا

 ۽ ڪجھه پمپن جا مالڪ گھٽ ماپ تي پيٽرول وڪرو ڪري رھيا ھئا جنھن تي مٿس ڏنڊ وڌو آھي ۽ کيس وارننگ ڏني وئي آھي ته هو قبلو درست ڪن

Leave A Comment