ڪنري ۾ زهريلي کاڌي سبب فوتي ٻن ٻارن جو نانو به فوت، مامرو ڳجهارت بڻيل

ڪنري ۾ زهريلي کاڌي سبب فوتي ٻن ٻارن جو نانو به فوت، مامرو ڳجهارت بڻيل

ڪنري (ن پ ا) گذريل ڏينهن ڪنري لڳ ڳوٺ حيات آرائين گپنو ۾ مبينا زهريلو  کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻن سڳن  ڀائرن 10 ورهين جي علي حسن ۽ 12 ورهين جي محمد حسنين آرائين جو نانو 60 ورهين جو اصغر آرائين پڻ حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو،  پيرسن اصغر آرائين جو  لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇائنيل آھي. پوليس جو چوڻ ھو ٻنهي فوتي ڀائرن جو پوسٽ مارٽم ڪرايل آھي  پيرسن اصغر جو پوسٽ مارٽم  مائٽ ڪرائڻ چاهيندا ته ڪرائينداسين. پر وارثن پاران پيرسن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو جڏھن ته فوتي ڀائرن جي والد آصف آرائين پوليس ۽ ميڊيا آڏو بيان ڏيندي خدشن جو اظھار ڪري چڪو آھي ته منهنجا پٽ جيئن به فوت ٿيا پر پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي ته پتو پوي، مون پوسٽ مارٽم  جو چيو ته گهر وارن سميت سڀ ناراض ٿيا ان جو مطلب ته ڪا گڙٻڙ آھي جاچ ٿيڻ گهرجي، پهريان چيو ويو ته گرمي سبب فوت ٿيا آهن پوءِ زهريلو کاڌو چيو ويو، علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آھن ته ٻارن ۽ ناني کي کاڌي ۾ ڪا زهريلي شي ڏيئي ماريو ويو آھي، نانو ٻني ٻنهي ٻارن جي نالي تي ڪرڻ وارو هو،