ڪنري ۾ سنڌ امڙ ۽ ثقافت سان لازوال محبتن جو اظھار، ڀرپور ڀيٽا، علامتي شادي

ڪنري ۾ سنڌ امڙ ۽ ثقافت سان لازوال محبتن جو اظھار، ڀرپور ڀيٽا، علامتي شادي

ڪنري (ن پ ا) ڪنري تعلقي ۾ ايڪتا ڪاڄ جون تياريون زور وٺي ويون آھن، ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ تي “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول محمد عمر گشڪوري ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا، شاندار ايڪتا تقريب ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي علامتي شادي ڪرائي ثقافتي ريتن ۽ رسمن جي شاندار عڪاسي ڪئي وئي جڏھن ته منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان بابت آگاھي ڏني ۽ منشيات جي لت کان بچاءُ جا وچن ورجايو، تقريب دوران اسڪولي ٻارن ٽيبلوز، گيت، تقريرون، شاعريون پيش ڪري سنڌ امڙ ۽ سنڌي ثقافت سان لازوال محبتن جو اظھار ڪندي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي، ڳوٺاڻن، استادن نادر گشڪوري، شھباز علي، پرڀو لال، منصور حسين گشڪوري ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان کي ڪوشش ڪرڻي آھي ته پنھنجي معاشري کي منشيات جي لت کان بچايون، اڄوڪي پروگرام ٻارن بھترين پرمانس ڪيو ثقافت کي اجاگر ڪيو، هنن چيو ته ٻارن جا ٽيبلوز، تقريرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اسان جو نعرو ۽ وچن ڪيو آھي ته سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪئي وڃي، اسان جي آسپاس ۾ منشيات نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏي آھي جنھن سان ثقافت ۽ تھذيب کي نقصان پھچي رهيو آھي، منشيات کان پاڪ هونداسين ته پنھنجي ثقافت، ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪري سگهنداسين، 7 ڊسمبر تي سنڌي ثقافت جو ڪاڄ عيد جيان ملھائينداسين جنھن جون تياريون ڪيون پيا.