ڪنري ۾ شيون کپائي گھر هلائيندڙ نينگر بس هيٺان اچي فوت

ڪنري ۾ شيون کپائي گھر هلائيندڙ نينگر بس هيٺان اچي فوت

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجهو غربت سبب اسڪول وڃڻ بدران ٻارن جون شيون کپائي پورهيو ڪندڙ معصوم پورهيت نينگر بس هيٺانھن چيڀاٽجي زندگي وڃائي ويٺو، بچل اوطاق وٽ هڪ ڪوچ مان شيءُ کپائي هيٺ لھندڙ نينگر بس مان ڪري پيو ته پويان ايندڙ ڄاڃين واري ڪوچ مٿس چڙھي وئي. ڪوچ هيٺانھن چيڀاٽجڻ سبب 15 ورھين جو گوپال عرف ببلو ڪولھي فوت ٿي ويو  فوتي نينگر کي تعلقي اسپتال ڪنري نيو ويو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پوليس موجب فوتي نينگر نسيم آباد جو رهواسي هو، سندس وارث غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا جنھن سبب نينگر بسن تي ٻارن جي شيءُ کپائيندو هو. اطلاع تي فوتي نينگر جا وارث به پھچي ويا.  پوسٽ مارٽم بعد مڙھ  وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نينگر جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانھن فوتي نينگر جي والد سومجي ڪولهي جي فرياد تي ڪوسٽر فياض خاصخيلي خلاف ڪنري ٿاڻي تي لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته ڪوسٽر ڊرائيور اڻ ڍنگي نموني گاڏي هلائيندي غلط سائيڊ کان اچي ٽڪر هڻي پٽ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي واقعي بعد ڊرائيور موقع تان فرار ٿي ويو جڏھن ته پوليس ڪوسٽر ۾ سوار ڄاڃين کي لاهي ڪوسٽر ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي.