ڪنري ۾ طوفاني هوائون، انبن جا باغ ڇڻي ويا، 40 سيڪڙو پيداوار گھٽجڻ جو خدشو

مَي 5, 2025

ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ طوفاني هوائن انبن جا باغ ڇاڻي ڇڏيا آهن، انبڙيون ڇڻي وڃڻ سبب 40 سيڪڙو پيداوار گھٽجڻ ۽ ڪروڙن جي نقصان جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، آبادگارن سان گڏ ٺيڪيدارن جا به مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ميرپورخاص ڊويزن ۾ نارا ڪئنال پاڻي جي شديد کوٽ ۽ موسمي تبديلين سبب انبن جي باغن کي وڏي پئماني تي نقصان رسيو آھي، جنھن سبب انبن جي پيداوار ۾ نمايان گھٽتائي ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي، هڪ طرف گذريل 6 مھينن کان زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڪنري، سامارو، پٿورو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد، نئون ڪوٽ، جھڏو سميت سموري ڊويزن ۾ انبن جي پيداوار گھٽ ٿيڻ جا خدشو آھي ته مٿان وري ٻن ڏينھن کان جاري مٽي جي تيز طوفاني هوائن سبب انبڙيون ڇڻي وڃڻ سبب انب جي باغائن ۽ ٺيڪيدارن کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آھي، 5 مھينا اڳ ٻور تي آيل انبن جي باغن کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت هئي، جيڪو نه ملڻ سبب ٻور ڇڻي ويو، جنھن سبب انبن جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي آھي ته تازو هلندڙ تيز طوفاني هوائن سبب انبڙيون ڇڻي وڃڻ ڪري ڊويزن ۾ 40 سيڪڙو انبن جي گھٽ اپت ٿيڻ جو خدشو پڻ پيدا ٿي ويو آھي، زراعت کاتي جي انگن اکرن موجب ميرپورخاص ضلعي اندر 15 ھزار 230، عمرڪوٽ ۾ 5 ھزار 335 ھيڪٽرن تي انبن جا باغ بيٺل آھن، پر زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب انب گھٽ لڳا آھن، انبن جي باغائن ۽ آبادگارن محمد ڄام ميمڻ، حاجي شڪيل باجوا، تنوير احمد، محمد رمضان، چوڌري ڪبير، ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي ٻين فصلن کي سخت نقصان رسايو آھي اتي سنڌ جي مشھور ميوي انب کي پڻ تمام وڏو ڌڪ رسيو آھي، تبديل ٿيل موسمي حالتن ۽ مسلسل پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل ٻن ڏينھن کان جاري تيز طوفاني ھوائن سبب انب جي باغن ۾ گذريل سال جي مناسبت سان ھلندڙ سال اڌ انب ۾ ناھن لڳي سگھيا، باغن کي ضرورت مطابق پاڻي نه ملڻ جي ڪري انبن جي پيڙھن ۾ لڳندڙ ٻور سڙي وڃڻ سبب پيداوار ۾ نمايان گھٽتائي آئي آھي.

انب گذريل سال جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو به ناھن رھيا: ٺيڪيدار

ڪنري: انبن جي ٺيڪيدارن شھزاد آرائين، مجيد بلوچ ۽ پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته موسمي تبديلي، پاڻي جي شديد کوٽ سبب انبن جي باغن کي سخت نقصان پھتو آھي، انب گذريل سال جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو به ناھن رھيا، ھن سميت تمام ٺيڪيدارن باغن کي مھانگي ريٽ ۾ ٺيڪي تي ورتل آھن، ٺيڪا مهانگا ۽ انب گھٽ لڳڻ سبب ٺيڪيدارن ۽ باغن جي مالڪن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن، ڇو ته ٺيڪيدارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، هن چيو ته جيڪڏھن انب ٻاھرين ملڪن ڏانھن ايڪسپورٽ ڪيا ويا ته ملڪ جي منڊين ۾ انب موجود نه ھوندو.

موسمي تبديلي جا اثر انب جي فصل تي به ٿيا آهن: زرعي ماهر

ڪنري: سنڌ جي مشھور زميندار زرعي ماهر مير امان الله خان ٽالپر چيو آھي ته سنڌ ۾ موسمي تبديلي جا وڌيڪ اڪثر فصل تي پيا آھن، هڪ پاسي موسمي تبديليون آھن ته ٻي پاسي زرعي پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿيا آھن انبن جي پيداوار 50 سيڪڙو گھٽجي وئي آھي، هن سيزن ۾ سيارو وڌيڪ هجڻ ڪري انبن کي ٻور دير سان لڳو، جنھن بعد انبن جي گھٽ ۾ گھٽ 3 ڀيرا پاڻي لڳندو آھي پر پاڻي جي کوٽ سبب پاڻي نه لڳو جنھن سان انبن جي وڏو نقصان لڳو آھي، انبن جي ٻور ۽ انب لڳڻ تائين آبادگارن کي نقصان ٿيو ۽ هينئر هوائون لڳڻ سبب خريد ڪيل باغن جو نقصان ٺيڪيدارن کي ٿيندو، هن چيو ته حڪومت بدجلندڙ موسمي حالتن کي نظر ۾ رکي زراعت کي بچائڻ جا فوري قدم کڻي ته جئين علائقي ۾ زراعت تباهي کان بچي سگهي.

Leave A Comment