ڪنري ۾ فوج پهچي وئي،ريسپانس ٽيمون قائم:ٻارڙن پاران مسجدن ۾ دعائون

جُون 15, 2023

ڪنري ( ن پ و) ڪنري ۾ سامونڊي طوفان جي خطرن کان شهرين کي محفوظ رکڻ لاءِ  پاڪ فوج جا جٿا پهچي ويا، 11 ڪوئيڪ رسپانس ٽيمون جوڙيون ويون آهن

ليفٽيننٽ ڪرنل ذيشان جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جا جوان ڪنري پهچي ويا آهن جيڪي طوفان جي خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندا 11 ڪوئيڪ رسپانس ٽيمون جوڙي ڪنري ۽ نبي سر روڊ ۾ 2 سينٽر قائم ڪيا ويا آھن

ٽيمن ۾ ٽائون ۽ يوسيز جا چيئرمين، ھيلٿ ورڪر، پوليس، سول سوسائٽي جو نمائندا شامل آهن

انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ مزدا گاڏيون ۽ اسپتال ۾ ايمبولينسون بيھاريون ويون آھن

ٻئي طرف مسجن ۽ گهرن ۾ خصوصي دعائون گهريون پيون وڃن، معصوم ٻارڙا مسجدن ۾ هٿ کڻي ڌڻي در ٻاڏائي رهيا آهن

Leave A Comment