| ڪنري ۾ ناجائز والار ، چپي چپي تي حددخليون، بازارن تي ناجائز قبضا، روڊ سوڙها ٿي ويا |
ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري انتظاميه جي نااهلي سبب شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آھي، انتظاميه پاران ڪافي ڀيرا حددخلين ھٽائڻ جو ڪم ڪيو ويو، پر قبضي مافيا ٻيھر پنھنجا قبضا ڄمائي ڇڏيا آھن، ڪنري جي شھر مين فوٽا روڊ، عمرڪوٽ بس اسٽاپ، مک آمريڪن چوڪ، ميمڻ ڪنري روڊ، ٻسٽان روڊ، اسٽيشن روڊ سميت ٻين روڊن تي ناجائز قبضن سبب ٽريفڪ نظام درهم برهم ٿي ويو آھي، بس اسٽاپ وٽ مين روڊ تي سبزي ۽ فروٽ فروشن جا ريڙھا، ڪيبيون، ۽ بسون مين روڊ تي بيھارڻ سبب ھر وقت ٽريفڪ جام رھي ٿي، جڏھن ته ڪارن ۽ بسن جا غير قانوني اڏا قائم ڪري روڊن کي بلاڪ ڪيو ويو آھي، ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ موجود اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۾ مقرر عملو پنھنجو ڪم ڪرڻ بدران آفيس تائين محدود آھي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ محمد اشرف آرائين، قومپرست اڳواڻ محمد رمضان خاصخيلي چيو ته ڪنري ۾ ڪو به ٽريفڪ نظام ڪونھي، شھر جي ھر چوڪ تي ڀاڄين جا گاڏا روڊ تي وچ تي بيٺل آهن ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناھي، شھر جي مک آمريڪن چوڪ ۽ ڦوٽا روڊ تي پيادل به نٿو ھلي سگهجي، بسن، رڪشائن ۽ گاڏن جي رش هجڻ ڪري ٽريفڪ روز جام رهندي آهي، ماڻھو تڪليفن ۾ مبتلا آھن، شھر سڄو ناجائز قبضن جي ور چڙھيل آھي، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فوري طور هڪ وڏي پئماني تي حددخلين خلاف آپريشن ڪري شھر جي اجڙيل حسن کي موٽايو وڃي.