| ڪنري ۾ ٻي آل سنڌ نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ بلوچ اسٽار کٽي ورتي: ٽنڊو باگو جي ٽيم کي شڪست |
ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ٻيو آل سنڌ رٽائر صوبيدار ميجر حاجي ڦول محمد ميموريل نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل بلوچ اسٽار ڪنري پنهنجي نالي ڪري ورتو رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ جاري ٽورنامنٽ جو فائنل بلوچ اسٽار ڪنري ۽ ايم جي ايم ٽنڊوباگو جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ بلوچ اسٽار ڪنري بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ايم جي ايم ٽنڊوباگو کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو. فائنل ميچ ۾ بلوچ اسٽار ڪنري طرفان پهريون گول سميع الله عرف گجو ۽ ٻيو گول قربان لاشاري ڪري ٽيم جي فتح يقيني بڻائي فائنل ميچ جو مين آف دي ميچ سميع الله ۽ مين آف دي سيريز قربان لاشاري کي قرار ڏنو ويو فائنل جي مهمان خصوصي پ پ اڳواڻ نواب شهمير ٽالپر ٽورنامينٽ جي سرپرست اعليٰ ڪامران ڦول، شاهه مير ٽالپر، فرحان ڦول ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسي ايشن عمرڪوٽ جي صدر نويد ڀٽي، عمران ڦول، نعمان ڦول، جميل ڀٽي ۽ ٻين انعام ورهايا فائنل جي ونر ۽ رنر ٽيمن کي انعام ڏنا ويا ونر ٽيم کي ٽرافي ۽ هڪ لک رپيہ ڪيش ۽ رنر ٽيم کي ٽرافي ۽ پنجاهه هزار رپيہ ڪيش انعام ڏنو ويو. ٽورنامنٽ ۾ سنڌ جي 16 ٽيمن حصو ورتو جن ۾ سانگهڙ. ميرپورخاص. ٽنڊوالهيار. بدين. ٽنڊو باگو. حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ آتشبازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. فائنل ۾ شائيقينن جو وڏو انگ گرائونڊ ۾ موجود هو.