ڪنري ۾ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا: شوقينن جو وڏو انگ موجود: سوارن کي ڀرپور داد

ڪنري ۾ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا: شوقينن جو وڏو انگ موجود: سوارن کي ڀرپور داد

ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ ٻن ڏينهن تائين گھوڙن جي ڊوڙ جا شاندار مقابلا، ثقافتي رنگن سان ڀرپور ميلو، شوقينن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سنسني خيز مقابلا، ڀرپور ساراھ. تفصيل موجب سنڌ جي قديم روايتن ۽ ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ ڪنري ۾ ٻن ڏينهن تي ٻڌل گھوڙن جي ڊوڙ جا شاندار ۽ سنسني خيز مقابلا منعقد ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل مشھور گھوڙيسوارن ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي مهارتن جا جوهر ڏيکاريا. مقابلن دوران ميدان تي تيز رفتار گھوڙن جي ڊوڙ تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شوقين وڏي انگ ۾ موجود رهي پنهنجي پسنديده گھوڙن ۽ سوارن جي زوردار حوصلا افزائي ڪندا رهيا. ڊوڙ دوران جوش، جذبي ۽ روايتي رنگن جو حسين منظر ڏسڻ ۾ آيو، انتظاميا پاران مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڊوڙون ڪرايون ويون، جتي هر مقابلو انتهائي دلچسپ ۽ مقابلي وارو رهيو گھوڙيسوارن هڪ ٻئي کي سخت ٽف ٽائم ڏيندي پنهنجي قابليت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، جنهن تي تماشائين تاڙيون وڄائي داد ڏنو.

 ان موقعي تي گھوڙيسوارن، سيد رضا شاھ، شاھجھان جوڻيجو، راول ڪمار، حاجي اشرف درس، گل محمد وساڻ، سيد شھمير شاھ ۽ شوقينن عطا چانھيو، محمد وارث ڌاندل، محمد عثمان چانڊيو، فقير گُل حسن خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا روايتي مقابلا سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهن، جن سان نه رڳو نوجوانن ۾ راندين جو رجحان وڌي ٿو پر هو صحتمند سرگرمين ڏانهن به راغب ٿين ٿا. هنن چيو ته اهڙيون تقريبون سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سياحت جي واڌ ويجهه ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جڏهن ته مقامي ماڻهن کي تفريح جا بهترين موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون. مقابلن جي پڄاڻي تي کٽيندڙ گھوڙن ۽ سوارن کي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. مقامي ماڻهن اهڙي شاندار تقريب کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙا ثقافتي ۽ راندين جا پروگرام جاري رکيا ويندا. جڏھن ته پرامن ماحول ۾ منعقد ٿيل انهن مقابلن ماڻهن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي ۽ روايتي راندين کي هٿي ڏيڻ جو مثبت پيغام ڏنو.