ڪنزرويٽو جي 14 سالا حڪمراني جو سج لهي ويو، ليبر پارٽي ڪامياب، اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم

جُولاءِ 6, 2024

لنڊن(م ڊ) برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ليبر پارٽيءَ جو اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم بڻجي ويو، ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي وزيراعظم رشي سونڪ شڪست تسليم ڪري ورتي، وزيراعظم رشي سونڪ چيو ته ليبر پارٽي چونڊون کٽي چڪي آهي ۽ مون سر ڪيئر اسٽارمر کي فون ڪري واڌايون ڏنيون آهن، سينٽرل لنڊن ۾ خطاب ڪندي سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته تبديليءَ جي شروعات ٿي رهي آهي، سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، 650 سيٽن مان 643 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، ليبر پارٽي 412 سيٽون ٻهاري ورتيون، ڪنزرويٽو پارٽي رڳو 120 ۽  لبرل ڊيموڪريٽس 71 سيٽن تي ڪامياب رهيون ،ليبر پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ رڳو 326 سيٽن جي ضرورت هئي. چونڊن ۾ بچاءَ واري وزيرگرانٽ شيپس سميت ڪيترن ئي اهم وزيرن کي عوام رد ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم لزٽرس به ناڪام وئي، پاڪستاني ڄائي ناز شاهه ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪنزرويٽو پارٽي  جي سينيئر وزير پيني مارڊينٽ ۽ ٽوري جي اهم ترين ميمبر سمجهيو ويندڙ جيڪبريس ماگ کي به ناڪامي جو منهن  ڏسڻو پيو.  جڏهن ته برطانوي وزيراعظم  رشي سونڪ پنهنجي سيٽ کٽڻ۾ ڪامياب رهيو. ليبر پارٽي وڏي اڪثريت ۾ ڪاميابي ماڻي  حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر چيو ته دنيا سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، برطانيا کي هڪ ڀيرو وري رهنمائي ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين. سندس چوڻ هوته اوهان جي حڪومت هر شهري کي احترام جي نظر سان ڏسندي، اوهان جو واسطو ڪهڙي به پارٽي سان هجي حڪومت سڀني لاءِ ڪم ڪندي.

سرڪيئر، بادشاهه چارلس وٽ پهچي ويو، حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبولي ورتي

لنڊن: برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم سر ڪئير اسٽارمر چيو آهي ته هن ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. برطانوي وزيراعظم جي رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئير اسٽارمر چيو ته هو هينئر شاهي محل مان واپس آيو آهي ۽ هن بادشاهه چارلس طرفان ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. هن چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي عوام تبديلي ۽ نواڻ لاءِ فيصلائتو ووٽ ڏنو آهي.

ليبر پارٽي کي مبارڪون: رشي سونڪ مستعيفيٰ، پارٽي عهدو به ڇڏي ڏنو

لنڊن: ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ وزيراعظم رشي سونڪ چونڊن ۾ شڪست جو اعتراف ڪندي ليبر پارٽي جي اڳواڻ اسٽارمر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو چونڊن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪري ٿو. هن چيو ته برطانوي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، اڄ پرامن ۽ منظم انداز ۾ اقتدار جي تبديلي ٿيندي، هي اِها شئي آهي جيڪا اسان کي پنهنجي ملڪ جي استحڪام ۽ مستقبل ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪرڻ گهرجي. رشي سونڪ چيو ته چونڊ نتيجن ذريعي اسان وٽ سکڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ مان شڪست جي ذميواري قبول ڪيان ٿو. برطانوي سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سياسي عدم استحڪام دوران پنج وزيراعظم جي تبديلي کي ڪنزرويٽو پارٽي جي شڪست جو سبب بڻيو. برطانيا جي عام چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي بدترين شڪست کانپوءِ رشي سونڪ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي گڏوگڏ پارٽي جي سربراهي تان هٿ کڻي ويو آهي.

غزه جنگ شڪست جو سبب بڻي، چونڊن ۾ به فارم 45 ۽ 47 جو ذڪر!!

لنڊن: ڪنزرويٽو اڳواڻ لارڊ عامر سرفراز چيو آهي ته پوئين ڏيڍ سال کان اسان جي پرڏيهي پاليسي تي شديد خدشا آهن،اسان جي پارٽي غزه کي پوئين هڪ سال کان وساري چڪي، ليبر پارٽي وٽ اهڙي ڪا پاليسي ناهي جنهن جي ڪري ماڻهن ان کي ووٽ ڏنو هجي عوام ۾ اسان جي پارٽي خلاف شديد غصو هو. لارڊ عامر سرفراز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايگزٽ پولز قطعي نتيجا ناهن هوندا جيتوڻيڪ ويجها نتيجا ٿيندا آهن، هن وقت تائين جا نتيجا فارم 45 آهي جڏهن ته فارم 47 اڃا اچڻو آهي، لارڊ طارق وڌيڪ چيو ته تسليم ڪيون ٿا ته ڪجهه فيصلن جي ڪري مشڪلاتون آيون پارٽي کي سوچڻو پوندو ته اڳتي ڪيئن وڌڻو آهي.

وزيراعظم جي 6 ڪروڙ پگهار!! سوشل ميڊيا صارفين دنگ رهجي ويا

لنڊن: برطانوي وزيراعظم سڄي دنيا ۾ وڏي اهميت جو حامل هوندو آهي، پر هن اهم عهدي جي پگهار به دلچسپي ۽ حيرانگيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.برطانوي پارليامينٽ برطانوي وزيراعظم لاءِ سالياني پگهار جي صورت ۾ 17,153 پائونڊ مختص ڪندي آهي، جيڪي 6 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهن.سوشل ميڊيا صارفين دنگ رهجي ويا،  پرڏيهي خابرو اداري موجب وزيراعظم جي حيثيت ۾ کيس 80 هزار 807 پائونڊ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي 2 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم کي اضافي 91 هزار 346 پائونڊ ايم پي ايز جي حيثيت ۾ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي 30 ملين پاڪستاني کان وڌيڪ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت ٻئي رقمون گڏجي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي وڃن ٿيون. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ لک 72 هزار 153 پائونڊن مان برطانوي وزيراعظم رڳو 75 هزار 440 پائونڊ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو، جيڪا 26.8 ملين پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي. برطانوي وزيراعظم به عام ماڻهوءَ وانگر ٽيڪس ۽ قومي انشورنس جي ادائيگي ڪندو آهي.

اسٽارمر جو غريب گهراڻي سان تعلق، والد مڪينڪ ۽ امڙ نرس هئي، کاٻي ڌر حامي جي جاءِ تي قيادت سنڀالي

لنڊن: برطانيا جو نئيون وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر ڪير آهي؟ اهم معلومات سامهون اچي وئي، ڪيئر اسٽارمر 1962 ۾ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، والد مڪينڪ ۽ والده نرس هئي، شروعاتي تعليم ريگيٽ گرامر اسڪول مان پرائي ۽ قانون جي تعليم يونيورسٽي آف ليڊز ۽ آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي، اسٽارمر خاندان جو پهريون ماڻهو هو جيڪو يونيورسٽي تائين پهتو،  سراسٽارمر کاٻي ڌر جي خيالن جي حامي جيريمي ڪوربن جي جڳهه ليبر پارٽي جي قيادت سنڀالي هئي.

ليبر پارٽِي کي مسلمان آبادين ۾ موٽ نه ملي، 5 مان 4 آزاد ۽ هڪ ڪنزرويٽو سيٽون کٽيون

لنڊن:برطانيا جي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ليبر پارٽي کٽي ته وئي پر مسلمانن جي اڪثريت وارن علائقن مان کيس موٽ نه ملي، نه ئي تان وڌيڪ ووٽ کڻي سگهي. برطانوي ميڊيا موجب غزه جي حامي ڪيترن ئي آزاد اميدوارن ليبر پارٽِي جي اميدوارن کي انهن جي مضبوط تڪن ۾ شسڪت ڏني. برطانوي ميڊيا موجب 10 سيڪڙو کان وڌيڪ مسلمان آبادي وارن علائقن ۾ ليبر پارٽي جي اميدوارن جي ووٽن ۾ ڪمي ڏسڻ ۾ آئي، وڏي مسلمان آبادي واريون 5 سيٽون ليبر پارٽي کي نه مليون، 4 آزاد اميدوارن ۽ هڪ ڪنزرويٽو اميدوارن کٽيون، شيڊو منسٽر جوناٿن اشورٿ ليسٽر سائوٿ مان سيٽ هارائي ويو جيڪا 13 سالن کان ان وٽ هئي، هتي تقريبن 30 سيڪڙو مسلمان آباد آهن. هن ڀيري هتان شوڪت آدم کٽي ڪري ڪاميابي کي غزه جي نالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن برمنگهه پيري بارمان ليبر پارٽي جي خالد محمود کي آزاد اميدوار بيرسٽر ايوب خان سخت مقابلي کان پوءِ شڪست ڏني، آزاد اميدوار بيرسٽر ايوب خان سخت مقابلي کانپوءِ صرف 500 ووٽن جي مارجن سان ڪاميابي ماڻي، خالد محمود 2001 کان برمنگهه پيري بار مان پارلياماني ميمبر طور کٽندو آيو آهي هو سينيئر ترين مسلمان پارليامينٽرين هو. برطانوي ميڊيا موجب غزه جنگ کي پنهنجي مهم ۾ شامل ڪندڙ آزاد اميدوارنڪيئي وڏن ۽ مضبوط نالن کي شڪست ڏني، ڊيوزبري، بٽلي ۽ بليڪ برن ۾ به آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي پهرين ليبر پارٽي مضبوط هئي، ان کان علاوه به ڪيترن ئي مسلم اڪثريت وارن هنڌن تي ليبر پارٽي جي ڪارڪردگي ڪا خاص نه رهي

Leave A Comment