ڪنسرٽ جو 25 لک معاوضو: صنم ماروي جو اعترا ف

  ڪنسرٽ جو 25 لک معاوضو: صنم ماروي جو اعترا ف

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌ سان تعلق رکندڙ ناليواري لوڪ ڳائڪا صنم ماروي انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ ڪنسرٽ جو 25 لک معاوضو وٺي ٿي. صوفي شاعري ۽ لوڪ گيت ڳائڻ سبب مشهور صنم ماروي هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيوته هن مجبوري وچان گلوڪاري جي چونڊ ڪئي،  پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ ننڍي عمر ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪي،. جڏهن آئون 4 سالن جي هيس،  منهنجو خاندان حيدرآباد منتقل ٿي ويو. هن چيو ته منهنجي پهرين في 27,000 رپيا هئي، جيڪا ان وقت تمام گهڻي رقم هئي. ان وقت منهنجي گهر ۾ ڪو به فرنيچر نه هو. جيئن ئي پهرين في ملي ، مون پنهنجي ماءُ لاءِ گهريلو شيون جهڙوڪ ريفريجريٽر، ٽي وي ۽ بيڊ  خريد ڪيو.صنم ماروي چيو ته هاڻي آئون شادي ڪاڄن ۽ ڪنسرٽ ۾ ويندي آهيان، منهنجي معاوضي مان هڪ نئين الٽو ڪار خريد ڪري سگهجي ٿي. مثال طور مون کي ڪنسرٽ جي معاوضي طور 2.5 ملين رپيا ملندا آهن.