ڪنهنکي به چونڊن کان ٻاهر رکڻ نٿا چاهيون، ليول پليئنگ ڪنهن مخصوص جماعت کي کٽرائڻ جو نالو آهي ته پوءِ ڪجهه نه چوندس: ڪاڪڙ

آڪٽوبر 23, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهنکي به چونڊن کان ٻاهر رکڻ نٿا چاهيون، ليول پليئنگ ڪنهن مخصوص جماعت کي کٽرائڻ جو نالو آهي ته پوءِ ڪجهه نه چوندس

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪنهن به سياسي جماعت کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جا خواهشمند نه آهيون، ليول پليئنگ فيلڊ ڪنهن مخصوص جماعت کي کٽرائڻ جو نالو آهي ته پوءِ ڪجهه نه چوندس

هن چيو ته نگران وزيراعظم چيو ته نواز شريف کي ايئرپورٽ تي بايو ميٽرڪ ڪرائڻ کي ليول پليئنگ مه سمجهيو وڃي، نواز شريف پيدائشي پاڪستاني آهي ته بايوميٽرڪ سندس حق آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊن جي شيڊول جو اعلان جلد ٿي ويندو، ملڪ ۾ چونڊ سرگرميون ستت شروع ٿي وينديون

Leave A Comment