ڪنهن به اقليت سان زيادتي ٿي قانون حرڪت ۾ ايندو، ڪنهن کي به مذهب نالي پنهنجي هلائڻ نه ڏبي: شهباز

ڪنهن به اقليت سان زيادتي ٿي قانون حرڪت ۾ ايندو، ڪنهن کي به مذهب نالي پنهنجي هلائڻ نه ڏبي: شهباز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي، سڀني شهرين کي برابر جا حق ۽ مذهبي آزاديون حاصل آهن، ڪنهن کي به مذهب جي نالي تي من ماني ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. زيادتيءَ تي قانون حرڪت ۾ ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرسمس جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، مسيحي برادري جي اهم شخصيتن ۽ سفارتي عملدارن به شرڪت ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام الله جا پيغمبر هئا، جن انسانيت کي ظلم ۽ جبر کان نجات ڏياري، شفا جو ذريعو بڻيو ۽ انسانيت سان محبت، امن ۽ احترام جو پيغام عام ڪيو. اڄ دنيا کي هن پيغام تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته مئي مهيني ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي شڪست ڏني. پاڪ فضائيه ڪارروائي ڪري دشمن جا ست جهاز ڪيرائي سيسل چوڌري جي ياد تازي ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي خطبن ۾ اقليتن جي مذهبي آزاديءَ تي زور ڏنو هو، جيڪو اسان جي آئين جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ اسان سڀني کي گڏجي، ڪلهو ڪلهي سان ملائي اڳتي وڌڻو آهي. هن مسيحي برادري جي اڳواڻن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوھستاني چيو ته پاڪستان ۾ هندو، مسيحي، سک سميت سڀني اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي اقليتون حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ مودي مذهب جي نالي تي نفرت ڦهلائي رهيو آهي، جتي اقليتن کي آزادي ۽ تحفظ حاصل ناهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر نيلسن عظيم چيو ته مسيحي برادري لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب جو انعقاد ساراهه جوڳو قدم آهي. هن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڪرسمس امن، محبت ۽ درگذر جو پيغام ڏئي ٿو.