| ڪنهن به ملڪي سلامتي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏينداسين: فيلڊ مارشل |
راولپنڊي (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسيز طرفان بلوچستان ۾ تشدد جي پروپيگنڊا جاري آهي، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي تي سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير سان بلوچستان بابت 18هين قومي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ملاقات ڪئي. خطاب ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسيز طرفان بلوچستان ۾ تشدد جي پروپيگنڊا جاري آهي، ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسيز بلوچستان ۾ ترقي ۾ خلل وجهي رهيون آهن، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو فيصلائتو جواب ڏينداسين. هن چيو ته فوج پنهنجي شهرين جي تحفظ جو عزم ڪيو آهي، ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين، سيڪيورٽي فورسز صوبي مان دهشتگردي جو خاتمو ڪندي. سندس چوڻ هو ته ذاتي سياسي ايجنڊائن کي رد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن بلوچستان جو مستقبل ڊگهي مدي جي خوشحالي تي ٻڌل هجي.