ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل اسحاق ڊار تي تنقيد کانپوءِ شهباز شريف جي بيان تي به ردعمل ڏنو آهي
ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل وزيراعظم شهباز شريف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن جون به ڄنگهون ڇڪڻ جو ڪم نه ڪندو آهيان، خبر نه آهي ته شهباز شريف ائين ڇو چيو ۽ هن جو ڪنهن ڏانهن اشارو هو
مفتاح اسماعيل 2 ڏينهن اڳ اسحاق ڊار تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ناڻي واري وزارت فيصلو ڪري ته آءِ ايم ايف جو پروگرام ڪرڻو آهي يا نه، آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪرڻ بابت جيو پوليٽڪس جي ايجاد گذريل سال سيپٽمبر ۾ نه ٿي هئي، اها ته هميشه کان ٿيندي آئي آهي
وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته اسحاق ڊار ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، سندس ڄنگهون ڇڪيندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي