| ڪنهن جي ڌمڪي سان ترميم جي منظوري نه رڪجندي: طلال |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون ۽ انصاف جي گڏيل پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. چوڌري طلال چيو آهي ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سڀ شيون متفقه طور تي ٿين، ٿورو انتظار ڪريو، سڀ شيون رپورٽ جي صورت ۾ سينيٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. طلال چوڌري پي ٽي آءِ بابت چيو ته پارليامينٽ کان پري ٿيندا ته سياست کان پري ٿي ويندا، محمود اچڪزئي هر اسيمبلي جو حصو رهيو آهي، جن وٽ 80 سيٽون آهن ۽ پنهنجو اپوزيشن ليڊر نه آهي، ان بابت ڇا ڳالهه ڪجي. ڪنهن جي ڌمڪي سان 27هين ترميم کي منظور ٿيڻ کان نٿو روڪي سگهجي.