ڪنهن سان به اتحاد ٿي سگهي ٿو پر تحريڪ انصاف سان ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيندو: آصف زرداري پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪري ڇڏي
ڊسمبر 18, 2023
پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي گورنر هائوس ۾ خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پ پ جو وفد ۽ جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ به موجود هئا، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري سان ملاقات دوران چونڊن جي لاءِ ٽڪيٽن جي ورهاست تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آصف زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر جي ملاقات دوران پيپلز پارٽي جو وفد ۽ جي يو آءِ(ف) جا اڳواڻ به موجود هئا. ان حوالي سان پ پ خيبر پختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري ملڪ محمد سعيد ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آصف زرداري سان پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هوڏانهن آصف زرداري جي گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ اڳوڻي صدر پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ٻين جماعتن سان اتحاد جو فيصلو صوبائي قيادت ڪندي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن کي ناراض اڳواڻن جا اختلاف ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ وڊيو لنڪ تي پ پ خيبرپختونخواهه پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به موجود هئي. پيپلز پارٽي پارلياماني بورڊ براءِ ڪي پي ڪي جي اجلاس ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ خواهشمند اميدوارن جي اهليت ۽ معيار متعلق خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني بورڊ براءِ خيبرپختونخواهه جي اجلاس ۾ سيد يوسف رضا گيلاني، فيصل ڪريم ڪنڊي. محمد علي شاه باچه ۽ روبينا خالد موجود هئا. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گھرجي، خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي شازيه عطا مري چيو ته اسان جو ڪنهن سان جھيڙو ناهي، اسان جو اڄ به مطالبو ليول پليئنگ فيلڊ جو آهي. آصف زرداري سياسي پارٽين سان ڳالهايو آهي.مارڻ يا جيل ۾ وجھڻ جي سياست آصف زرداري جي ناهي. هن چيو ته آصف زرداري جي دور ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو. اسان جي خاموشي اسان جي ڪمزوري نه سمجھي وڃي اها اسان جي تربيت آهي. آصف زرداري چيو هو ته محسن نقوي سندس ٻچو آهي پر هن اهو نه چيو هو ته هواسان جا ڪم به ڪندو. آصف زرداري جو هميشه مفاهمت جي سياست تي يقين رهيو آهي.