لاهور (م ڊ)جهانگير ترين جي استحڪام پاڪستان پارٽي چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان الحاق نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
ان ڏس ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جو اجلاس پيٽرن ان چيف جھانگير ترين جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ صدر عليم خان ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. استحڪام پاڪستان پارٽي موجب ڪنهن پارٽي سان الحاق ڪرڻ بدران پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا