| ڪنهن ملڪ تي حملي جو ارادو ناهي، آمريڪا ايٽمي حق کسي نٿو سگهي: ايراني صدر |
تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسان ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ جو ارادو نٿا رکون، پنهنجي دفاع جو قانوني ۽ جائز حق استعمال ڪري رهيا آهيون. هڪ بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته اسان جو بنيادي موقف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جو تحفظ آهي، اسان جنگ وڌائڻ نٿا چاهيون. هن چيو ته نه اسان ڪي جنگيون يا تڪرار شروع ڪيا ۽ نه ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اسان پنهنجي دفاع جو قانوني ۽ جائز حق استعمال ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ کي ڪو حق ناهي ته اهو عوام کي ان جي حقن کان روڪي، ٽرمپ کي اهو حق ناهي ته هو چئي ايران پنهنجي ايٽمي حقن مان فائدو نٿو کڻي سگهي. مسعود پزشڪيان چيو ته دشمن پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ايراني تهذيب تباهه ڪرڻ، ان کي پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جا بيان دشمن جي ارادن کي ظاهر ڪن ٿا.