ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد برداشت نه ڪبو: فيلڊ مارشل

ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد برداشت نه ڪبو: فيلڊ مارشل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهل تشيع جي عالمن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد کي برداشت نه ڪيو ويندو، مذهبي جذبن کي ملڪ اندر تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ نه گهرجي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير عالمن کي علائقائي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۽ سفارتڪاري بابت آگاهه ڪيو، انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل اتحاد کي مضبوط ڪرڻ ۾ عالمن جي ڪردار تي به زور ڏنو، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي عوام خلاف دهشتگردي جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کي برداشت نه ڪندو، جتي به پاڪستان خلاف سرگرم دهشتگردن جو نيٽ ورڪ موجود هوندو، ڪارروائي ذريعي ختم ڪري ڇڏينداسين.