ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون وزيراعظم بڻائڻ بدران ان کي وزيراعظم بڻايو جنهن کي موقعو نه مليو: بلاول

نومبر 16, 2023

ايبٽ آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون وزيراعظم بڻائڻ بدران ان کي وزيراعظم بڻايو جنهن کي موقعو نه مليو آهي، ملڪ کي نئين سياست ۽ نئين قيادت جي ضرورت آهي

هن چيو ته عوام نفرت ۽ ورهاڱي واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عوام پاڻ کي اڄ لاوارث سمجهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي عوام جي وارثي ڪندي

ايبٽ آباد ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب دوران بلاول چيو ته  پيپلزپارٽي وٽ غربت جي خاتمي جو وسيع پلان آهي، اسان اهڙا منصوبا آڻينداسين جنهن سان هر طبقي کي فائدو پهچندو

هن چيو ته خيبر پختونخواهه جو عوام اسان کي ووٽ ڏئي، صوبي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڏيکارينداسين

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت