ڪنهن کي پئسا کارايا ويا، رسيدون ڪٿي آهن؟ سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪراچي ۾ ڇا ڇا غيرقانوني ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اپريل 22, 2024

ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪراچي ۾ ڇا ڇا غيرقانوني ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي پئسا کارايا ويا، رسيدون ڪٿي آهن؟ بلڊر 22 ماڙ عمارت ٺاهي ڇڏي، پر رسيدون نه آهن

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چوڌري خليق الزمان روڊ جي ڪمرشلائيزيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس  درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي يا ڪنهن کي به پئسا ڏنا هجن، توهان جا هٿ صاف آهن ته رسيدون ڏيکاريو

عدالت ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ، ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪئنٽونمينٽ بورڊ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ايندڙ ٻڌڻي تي چوڌري خليق الزمان روڊ جي ڪمرشلائيزيشن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪلفٽن ۾ سرڪاري پلاٽ ۽ دڪانن جي مالڪي واري ڪيس ۾ پڻ ٻڌڻي ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته معاملو حل ڇو ناهي ٿيو، جنهن تي فروغ نسيم چيو ته ميئر ڪراچي ئي ٻڌائي سگهي ٿو

ڪي ايم سي جي وڪيل مهلت طلب ڪئي ته چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميئر ڪراچي ۽ سيڪريٽري مڪاني کاتي کي طلب ڪري ورتو

چيف جسٽس ميئر ڪراچي مرتضي وھاب کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان کي ڇو سڏيو ويو آهي؟ جنهن تي مرتضي وهاب چيو ته مونکي ميڊيا رپورٽن ذريعي معلوم ٿيو آهي ته طلب ڪيو ويو آهي، فروغ نسيم صاحب کان پڇان ٿو  ته ڇا ڪيس آهي؟

جسٽس جمال مندو خيل چيو ته هي ته توهان جي مخالف ڌر جا وڪيل آهن، ڇا توھان جو خيال نه ڪندا؟ چيف جسٽس چيو ته اھو ڏسو ته اوهان جا وڪيل ڇا پيا ڪن، چئو ٿا ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس نه ٿا هلن، ڪيس ھلائڻ لاءِ چيو ته توھان جي وڪيل مھلت طلب ڪري ورتي

مرتضي وهاب چيو ته ھي ڪيس سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پاران داخل ڪرايو ويو هو، جيڪو هاڻي زمينن بابت کاتو ڪي ڊي اي وٽ آھي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄو ڏينهن خراب ٿي ويو ۽ توھان جو وقت به ضايع ٿي ويو، ھاڻي چئو ٿا اھو معاملو ڪي ايم سي جو ناھي

 ان موقعي تي چيف جسٽس ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توھان جو وڪيل ڇو پيش ناھي ٿيو؟ ڪيس ڇو نه ٿا هلايو؟ ڊي جي ڪي ڊي اي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، سپريم ڪورٽ ڊي جي ڪي ڊي اي کي باقاعده وڪيل مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس چيو ته هي توهان جو ذاتي معاملو ناهي، پبلڪ پراپرٽيز جو معاملو آھي، ڪيس کي سنجيدگي سان وٺو، چيف جسٽس ڊي جي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته عوامي مفاد جي ڪيسن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ترجيحي بنيادن تي ڪيس هلائن، ھي شهرين جي امانت آهي، سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

زمين ۽ پلاٽن جي معاملي تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ واري مدي ۾ تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي مدي ۾ تبديلي لاءِ سينيئر وڪيلن کان راءِ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وڪيلن کان راءِ ورتي ته هاءِ ڪورٽن جي فيصلن خلاف اپيلن جو مدو ڇا هئڻ گهرجي؟ ان موقعي تي وڪيلن چيو ته اپيلن جي مدي بابت سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جو فيصلو موجود آهي

فروغ نسيم چيو ته پنج رڪني بينچ جو فيصلو محدود آهي، توهان کي ٻيهر غور ڪرڻو پوندو،  بئريسٽر صلاح الدين احمد، فروغ نسيم، خالد جاويد، فيصل صديقي ۽ ٻين وڪيلن معاملي جو انتظامي طور جائزو وٺڻ جو مشورو ڏنو

ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته ان معاملي کي ڏسجي ته انتظامي طور حل ڪجي يا عدالتي طريقي سان حل ڪجي،  ايڊوڪيٽ فيصل صديقي چيو ته توهان اهو فيصلو ڪري سگهو ٿا، توهان جي دور ۾ ڪيترائي منفرد فيصلا ٿيا آھن، اهو به ٿي سگهي ٿو

 چيف جسٽس خوشگوار موڊ ۾ چيو ته يونيڪ ته سٺو به ٿي سگھي ٿو ۽ خراب به ٿي سگهي ٿو

Leave A Comment