ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ + شاهد ميراڻي) ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين سنڌ سان تعلق رکندڙ اڳوڻن وزيرن، بااثر ڪامورن، واپارين سميت 52 شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪري کين ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو
حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙ اڳوڻو وزير دبئي رستي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪامياب، نيب اختيارين ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا، سندس پي ايس، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سندن گهر ڀاتين سميت 40 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
ان ڏس ۾ باخبر ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين سنڌ سان تعلق رکندڙ اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، بااثر ڪامورن ۽ واپارين سميت اهم شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب اومني گروپ سان تعلق رکندڙ اي مجيد کي ڪراچي ايئرپورٽ تان پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، جنهن کي بااثر شخصيتن جي مداخلت بعد پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. انهي واقعي بعد اسٽاپ لسٽ جو انڪشاف ٿيو
ذريعن موجب حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير پڻ دبئي رستي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ٻئي طرف نيب اختيارين ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ گھوٻين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا، سندس والد ڀڳوان داس چاولا، امڙ ڪوشليا ديوي، زال رويشا ڪماري، ڌيءُ اسٿا چاولا، ڀائرن پرديپ ڪمار، سنتوش ڪمار، وجنت ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار، ڀينرن چندرا ديوي، شيلا جيرام، ڀڳونتي، رائنا چاولا، مڪيش چاولا جي ڀيڻوئي جيرام داس تلريجا، سندس زال شيلا تلريجا، وڪي ڪمار تلريجا، سونيا تلريجا، هيري جان، ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ، سندس والد رسول بخش، امڙ گل حميده، زال منيزه وحيد، پٽ لاريب، ڌيئرن رومسيه ۽ ونيزه ۽ ڀائرن زبير ۽ عمران شيخ، مڪيش چاولا جو پي ايس رهندڙ حسن علي شريف، سندس والد انور علي، امڙ شمع پروين، زال هدا ترين، ڌيءُ لائبه نور، عامر اشرف انڍڙ، سندس زال شيرين، ڌيءُ عليزه، پٽ حمزه، عامر گل قريشي ۽ سندس گھر ڀاتين شازيه، عينه گل، مزمل مصطفيٰ، مدثر مصطفيٰ کي متحرڪ ۽ غير متحرڪ اثاثن، بئنڪ اسٽمينٽس جي تفصيلن سميت نيب اختيارين جي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
ٻئي طرف ايف آءِ اي ۽ نيب جي سنڌ ۾ متحرڪ ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن کاتو به کين ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ حرڪٽ ۾ اچي ويو آهي، جيڪو ڪرپشن ڪيسن جي جاچ جي نالي ۾ هن وقت تائين 3 کاتن جو رڪارڊ طلب ڪري چڪو آهي
نيب جي اڻ ڄاڻائي: مڪيش چاولا جي سرڳواسي والد کي به نوٽيس جاري
ڪراچي: نيب اختيارين جي اڻ ڄاڻائي، ايڪسائيز ڪرپشن ڪيس جي جاچ دوران اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا جي سرڳواسي والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڀڳوان داس چاولا کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو
تعليم کاتي جو طاقتور سيڪشن آفيسر طفيل سومرو برطانيا روانو
ڪراچي: سنڌ تعليم کاتي جو طاقتور سيڪشن آفيسر طفيل سومرو برطانيا جي خانگي وزٽ لاءِ هڪ مهيني جي موڪل تي روانو ٿي ويو. ان ڏس ۾ ايس اين جي کاتي پاران موڪل جي منظوري پڻ ڏني وئي.
بينظير ھيومن ريسورس بورڊ ۾ 30 ڪروڙن جي گهپلن جو انڪشاف
ڪراچي: بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۾ 30ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن کاتي بورڊ جي سيڪريٽري رياض سومرو، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقصود چاچڙ، سڪندر ڀٽي ۽ اظھار جوڻيجو خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي
ان ڏس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي ذيلي اداري بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر فارينزڪ جاچ شروع ڪئي آھي
اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آھي ته بورڊ جي سيڪريٽري رياض سومرو، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقصود چاچڙ، سڪندر ڀٽي ۽ اظھار جوڻيجو تي کاتي جا فنڊ ھڙپ جون شڪايتون مليون آھن، اينٽي ڪرپشن پاران بورڊ جي سيڪريٽري کي خط لکي 2021 کان 2023 تائين جاري ڪيل ٺيڪن ۽ ٺيڪيدارن کي جاري ڪيل رقم جو رڪارڊ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ٽن سالن دوران بينڪ جي اڪائونٽن جا تفصيل ۽ بينڪ اسٽيٽمينٽ گھري وئي آھي
ذريعن موجب مھراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي نالي ۾ جعلي اڪائونٽ کولي 13 ڪروڙ ۽ آبپاشي کاتي جي ملازمن جي اسڪل ڊولپمينٽ جي نالي ۾ 15 ڪروڙن ھڙپ ڪيا ويا آھن، جڏھن ته لاڳاپيل آفيسرن ڊرائيورن ۽ ٻين ملازمن جي نالي سان جعلي اڪائونٽ کولرائي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي. شڪايتون ملڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جي اختيارين لاڳاپيل آفيسرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آھي
ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون ڪيئن خراب ٿيون ؟ جاچ شروع
ڪراچي: نيب خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران گذريل سال ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون خراب ڄاڻائڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪندي 5 مهينا اڳ هٽايل 20 فوڊ انسپيڪٽرن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب خوراڪ کاتي پاران گذريل سال 14 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري واري ٽارگيٽ جي ابتڙ رڳو 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل سال پيل برساتن بعد خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون خراب ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي، هلندڙ سال به خوراڪ کاتي جي اختيارين طرفان 14 بجاءِ رڳو 8 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، واضح رهي ته خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪڻڪ غائب يا ڪڻڪ خراب ٿيڻ سميت ٻين معاملن تان مختلف ضلعن جي 20 فوڊ انسپيڪٽرن دادو مان شوڪت آرائين، محبوب شاهاڻي، جاويد چانڊيو، غلام سرور سومرو ۽ منور علي، ڄامشوري مان قاسم شاھ، نوشهري فيروز مان بابر راڄپر، امداد مگسي، رستم گوپانگ، مير حسن سولنگي، گھوٽڪي مان مير حسن لٻاڻو، الهڏتو ڀٽو، لاڙڪاڻي مان اياز لاشاري، قمبر مان عارف ابڙو، نادر مگسي، طاهر ڪنبوه، امان الله مگسي، حفيظ الله کوسو، جڙيو خان قمبراڻي ۽ رانجھن ملڪ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جن مان ڪجهه فوڊ انسپيڪٽرن کي ڳجهه ڳوھ ۾ بحال پڻ ڪيو ويو هو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ واري اسڪينڊل جي جاچ ۾ 20 فوڊ انسپيڪٽرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽيوٽا ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن: ايم ڊي ۽ ڊائريڪٽر طلب
ڪراچي: اسٽيوٽا ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، 6 سالن ۾ فراھم ڪيل فنڊز ھڙپ، سر زمين تي ھڪ رپيو به خرچ نه ٿيو، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي
ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن اختيارين سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ (اسٽيوٽا) ۾ 2017 کان اڄ تائين ٺيڪن، گاڏين جي خريداري ۽ مرمت جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ ھڙپ ڪرڻ خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
انهي حوالي سان اينٽي ڪرپشن اختيارين اسٽيوٽا جي ايم ڊي شيرين ناريجي کي خط لکي 6 سالن جو رڪارڊ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي اينٽي ڪرپشن اختيارين اسٽيوٽا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانس يوسف بلوچ ۽ لياقت ڄامڙو، ڊائريڪٽر (ايڊمن) ذوالفقار جتوئي، ايم ڊي جي پرسنل سيڪريٽري عمر ميمڻ ۽ نعيم خٽڪ کي طلب ڪري ورتو
اينٽي ڪرپشن کاتي 2017 کان اڄ تائين ڏنل ٺيڪن، خريد ڪيل گاڏين۽ مرمت جي مد ۾ جاري ڪيل چيڪن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، جڏھن ته مختلف بينڪن ۾ کوليل اڪائونٽس جي پنجن سالن جي بينڪ اسٽيٽمينٽ به پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آھي ته اسٽيوٽا ۾ 2017ع کان ھن وقت تائين ڪروڙن جي ھيرا ڦيري جون شڪايتون مليون آھن
سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي جي اسڪولي فرنيچر ۾ 10 ڪروڙ جا گهپلا: 5 ڪمپنيون بليڪ لسٽ
ڪراچي: سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن جي اسڪولن لاءِ خريد ڪيل غير معياري فرنيچر ۾ 9 ڪروڙ 95 لک رپين جي گھوٻين جو انڪشاف
سکر جو ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالوحيد انڍڙ کان پئسا ڀرائڻ جي سفارش، فرنيچر جا ٺيڪا وٺندڙ 5 ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
ان ڏس چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم تعليم کاتي جي اختيارين کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سکر ضلعي جي 2 ڪروڙ 14 لک، گھوٽڪي ضلعي جي هڪ ڪروڙ 95 لک ۽ خيرپور ضلعي جي 5 ڪروڙ 86 لک رپين جي فرنيچر جي خريداريءَ ۾ وڏي پئماني تي گھپلا ٿيا آهن
سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي غير شفاف ٺيڪا ڏنا ويا، جڏهن ته ٺيڪيدار ڪمپنين کان زر ضمانت پڻ نه ورتي وئي، ٺيڪيدارن پاران مهيا ڪيل 30 سيڪڙو فرنيچر خراب حالت ۾ هو جنهن ۾ ڏار پيل هئا. غير معياري فرنيچر جي خريداري ذريعي 97 ملين ۽ فرنيچر مهانگو خريد ڪرڻ جي مد ۾ 123 ملين جو نقصان ڏنو ويو
خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته سکر جي ڊائريڪٽر سيڪنڊري عبدالوحيد انڍڙ کان نقصان جي رقم ڀرائي وڃي جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر منور مغل، سپرنٽينڊنٽ عبدالرشيد ابڙو ۽ خيرپور جي ڊي اِي او سيڪنڊري علي احمد راڄپر خلاف سخت ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته غير معياري فرنيچر مهيا ڪندڙ راجا برادرز، فيض سائنٽيفڪ ڪمپني، صديق سنز، پاڪستان فرنيچر ۽ الحفيظ کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي