| ڪنوار ساهرن وٽ پهچڻ جي 20 منٽ بعد طلاق وٺي ڇڏي |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪنوار ساهرن وٽ پهچڻ جي 20 منٽ بعد طلاق وٺي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي رياست اترپرديش جي ڳوٺ ڀلواني ۾ وشال مڌيسيا نالي نوجوان جي پوجا نالي نينگري سان شادي رچائي وئي. شادي جون سموريون رسمون به مڪمل ڪيون ويون جنهن بعد ڪنوار جي رخصتي ٿي. ڪنوار ساهرن جي گهر پهچڻ جي 20 منٽن بعد طلاق جو مطالبو ڪري ساهرن، مائٽن ۽ مهمانن کي حيران ڪري ڇڏيو، ساهرن ۽ مائٽن جي سمجهائڻ باوجود ڪنوار مطالبي تان هٿ نه کنيو ۽ نه ئي طلاق جو سبب ٻڌايو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪنوار جي ضد تي ٻنهي ڌرين پئنچائت کي گهرايو جن 5 ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪيون پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو، پنچائت ڳالهين بعد ٻنهي ڌرين کي شادي ختم ڪرڻ تي راضي ڪري طلاق ڪرائي ڇڏي. طلاق ٿيڻ بعد ٻنهي ڌرين شادي دوران مليل سمورا تحفا ۽ ڏنل روڪ رقم به هڪ ٻئي کي واپس ڪري ڇڏي.