ڪنويشن ۾ نعرن تان بدنظمي: وڪيل هٿين پئجي ويا: 10 ڄڻا گرفتار

ڪنويشن ۾ نعرن تان بدنظمي: وڪيل هٿين پئجي ويا: 10 ڄڻا گرفتار

سکر: سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ ضلعي بار ۾ 27 هين ترميم خلاف منعقد وڪيل ڪنوينشن ۾ رحمان ڪورائي جي خطاب دوران پرائيويٽ ماڻهن طرفان منهن ماري ڪئي وئي، جنهن تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب ڪنوينشن بدنظمي جو شڪار ٿي ويو ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا، ڇڪتاڻ ٿيندي ئي ٺونشن، مڪن ۽ لتن توڙي پلاسٽڪ جي ڪرسيون هنيون ويون. اِن دوران ڪنوينشن هال ۾ اسٽيج تي ويٺل پاڪستان جوڊيشل ڪميشن، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ۽ صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو حبس ۽ سيني ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري پٽ تي ڪري بيهوش ٿي ويو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد ڪنوينشن هال مان ساده ڪپڙا پهريل ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جن کي پوليس موبائيلن ۾ ويهاري حد جي سي سيڪشن ٿاڻي تي کڻي وئي، سي سيڪشن ٿاڻي تي پرائيويٽ ماڻهن پهچي آصف زرداري ۽ پ پ جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي، تنهن کانپوءِ به ڪجهه دير تائين سکر ضلعي بار ۾ افراتفري جو ماحول ڇانيل رهيو. پوليس ذريعن موجب ڪجهه دير بعد ئي گرفتار ٿيل 10 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو.