ڪنڊيارو: خوني ٽرالر عيد تي موٽندڙ نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪنڊيارو: خوني ٽرالر عيد تي موٽندڙ نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو لڳ قومي شاهراهه تي خوني ٽرالر نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪنڊيارو لڳ قومي شاهراه تي کوسا مڱريا پل اسٽاپ وٽ ٽرالر ڳوٺاڻي 30 سالن جي امين مڱريو کي چيڀاٽي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو، عيد لاءِ ڪراچي مان واپسي تي ڳوٺ ساجن مڱريو واري بس اسٽاپ وٽ لهي روڊ ڪراس ڪري رهيو هيو ته ٽرالر کيس چيڀاٽي ڇڏيو پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو