| ڪنڊيارو: خوني ڪار 2 ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو: هڪ فوت |
ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊياري لڳ خوني ڪار روڊ پار ڪندڙ 2 ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، هڪ فوت ان ڏس ۾ ڳوٺ صالح راڄپر سامهون قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ 2 ٻارن کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 سالن جي ذاڪر سولنگي دم ڏنو، جڏھن ته 10 سالن جي مرڪ سولنگي زخمي ٿي پئي، جنهن کي گمبٽ نيو ويو ، پوليس حادثو ڪندڙ ڪار ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو.