ڪنڊيارو: روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش هٿ نه آيو: شٽر بند هڙتال: ڌرڻو

ڪنڊيارو: روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش هٿ نه آيو: شٽر بند هڙتال: ڌرڻو

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو لڳ 3 ڏينهن اڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان اظهر پيرزادو جو لاش هٿ نه آيو، انتظاميه پاران نوجوان جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تان نوجوان جي  وارثن ، آل پارٽيزالائنس ، جسقم سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظمين شٽربند هڙتال ڪرائي، شهر جي مک اسٽار چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب سرڪيولر روڊ بند ٿي ويو، ان موقعي تي نوجوان جي چاچي  ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ڪائونسلر محمد زمان پيرزادو ، والد مظهر پيرزادو ، هارون ڪلهوڙو ، مولانا محمد رمضان خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اظهر خودڪشي ڪئي آهي، واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميه لاش ڳولڻ ۾ ڪا مدد نه پئي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته ريسڪيو ٽيمون گهرائي نوجوان جي لاش ۾ ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، انتظاميه پاران ريسڪيو ٽيمون گهرائي لاش جي ڳولا ڪرڻ واري خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.