ڪنڊيارو: سيد ظفر علي شاهه جو خاندان پ پ خلاف هڪ ٿي ويو

جنوري 2, 2024

ڪنڊيارو (ن پ ا) نوشھروفيروز جي سياست ۾ الڳ مقام رکندڙ ڪنڊيارو جي درٻيلو شھر سان تعلق رکندڙ جهونو سياستدان ۽ اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، اڳوڻو مملڪتي وزير سيد اصغر علي شاهه، سيد اڪبر علي شاهه، سيد آصف علي شاهه، سيد ذوهيب شاهه ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد ڊاڪٽر احمد علي شاه پنهنجا سڀ ويڇا وساري هڪ ٿي ويا آھن درٻيلو ۾ سيد اڪبر علي شاه جي رهائش گاه تي ٿيل گڏجاڻي ۾ درٻيلو جي سيد خاندان پاران اهم فيصلا ڪندي اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ضلعي نوشهرو فيروز جي قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن اين اي 205 ۽ اين اي 206 سميت چئني صوبائي تڪن پي ايس 32 ، 33 ، 34 ۽ 35 تي پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا جڏھن ته جن تڪن تي سندن اميدوار نه هوندو ان تي پ پ مخالف اميدوارن جي حمايت ڪئي ويندي جنهن بعد ضلعي نوشھرو فيروز ۾ پ پ کي وڏي مشڪلات سان مونهن ڏيڻو پوندو ۽ ان لاء پ پ کي هڪ مظبوط سياسي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي ذريعن جو چوڻ آھي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تي اصغر علي شاه سيد خاندان جو اميدوار هوندو جڏھن ته صوبائي تڪ پي ايس 32 تي سيد ذوهيب شاه اميدوار هوندو.

Leave A Comment