ڪنڊيارو: ماءُ پي ۽ ڀيڻ جي قاتل پٽ ۽ پوٽي کي ڦاهي سزا

ڪنڊيارو: ماءُ پي ۽ ڀيڻ جي قاتل پٽ ۽ پوٽي کي ڦاهي سزا

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊياري جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پهرين جنوري 2021ع  تي ماءَ ، پيءِ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ 2 جوابدارن ڌڻي بخش ۽ سندس پٽ عبدالطيف گوندل کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ٻئي جوابدار اڳ ۾ ئي جيل حوالي ٿيل آهن، 6 سال اڳ جوابدار ڌڻي بخش گوندل پنهنجي پٽ عبدالطيف گوندل سان گڏجي خانواهڻ ٿاڻي جي حد۾ ڳوٺ عالم گوندل ۾ زميني تڪرار تان  ڪات جا وار ڪري پنهنجي والد احمد خان ، امڙ غلام سڪينه ۽ ڀيڻ ذليخا کي  بي درديء سان قتل ڪيو هو، مقتول احمد خان جي ڀاءُ محمد خان جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو،