ڪنڊيارو ويجهو ڦٽين جي کوڙن کي باهه، لکين رپين جو نقصان

آڪٽوبر 1, 2023

ڪنڊيارو ( ن پ ا )  ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي واقع انمول ڪاٽن فيڪريٽري اندر ڦٽين جي 4 کوڙن کي باهه لڳڻ سبب هزارين مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون

 باهه لڳڻ سب فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ جون گاڏيون پهچي ويون باهه وسائڻ جو عمل جاري ڪري ڇڏيو ۽ اٽڪل 6 ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو

 فيڪٽري انتظاميه موجب ته 15 کان 20 هزار مڻن جا 4 کوڙا باهه جي لپيٽ هيٽ اچي ويا، جنهن سبب لکين رپين جون ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون فيڪٽري جي مالڪ ڪيلاش ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڦٽين جي هڪ کوڙي ۾ باهه ڀڙڪي اٿي جيڪا وڌندي 4 کوڙن کي پنهنجي ليٽ ۾ آڻي ڇڏيو، سندس موجب باهه جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي

Leave A Comment