| ڪنڊيارو: يوسي وائيس چيئرمين جي گهر تي پوليس چڙھائي: احتجاج: ايس ايچ او معافي ورتي |
ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊياري ۾ يوسي وائيس چيئرمين جي گهر تي پوليس چڙھائي ، پ پ اڳواڻن جو احتجاج ، ايس ايڇ او اسد کچي معافي ورتي ، ان ڏس ۾ ڪنڊياري جي سيد سي اين جي لڳ گذريل رات دير سان ايس ايڇ او ڪنڊيارو پوليس اٽالا ساڻ ڪري يونين ڪائونسل شهمير ديرو جي وائيس چيئرمين ڪامريڊ محبوب ابڙو جي گهر تي چڙهائي ڪري تلاشي ورتي، گهر مان ڪجهه نه ملڻ تي پوليس رواني ٿي وئي، هوڏانهن پ پ اڳواڻ محبوب ابڙو موجب گذريل رات 3 وڳي ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کڇي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ديوار ٽپي گهر اندر داخل ٿيو، مون پاران تعارف ڪرائڻ ۽ پوليس ڪاروائي بابت پڇاڻي تي مڇرجي پيو، هو ڪمرن جي تلاشي وٺي اهو چئي نڪتو ته مونکي غلط انفارميشن ملي ھئي، محبوب ابڙو چيو ته آئون هڪ ذميوار ۽ شريف شھري آھيان ايس ايڇ او چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي تذليل ڪئي آھي هوڏانهن اطلاع ملڻ تي پ پ تعلقي ڪنڊيارو جو صدر سيد غلام مرتضيٰ شاه ، يوسي غلام شاهه جو چيئرمين طارق مڱريو ، ضلعي ڪائونسل جو ميمبر قاري عبدالحڪيم گهانگهرو، ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ مڱريو محبوب ابڙو جي رهائشگاھ تي پهچي ويا، هنن پ پ اڳواڻ جي گهر تي پوليس چڙهائي تي احتجاج ڪيو، هنن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر ايس ايڇ او معطل نه ٿيو ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪيو ويندو، ھوڏانهن ايس ايڇ او ڪنڊيارو محبوب ابڙي جي تڏي تي پهچي سوين ماڻھن جي سامهون ڪيل پوليس ڪارروائي تي معافي وٺندي چيو ته کيس غلط انفارميشن ملي، جنهن سبب معافي وٺان ٿو محبوب ابڙو تڏي تي آيل ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کچي کي معاف ڪري ڇڏيو.