ڪنڊيارو: پمپ مالڪ جو خاتون اي سي تي ڇاپي ۽ ڦرلٽ جو الزام: عدالت  پهچي ويو 

ڪنڊيارو: پمپ مالڪ جو خاتون اي سي تي ڇاپي ۽ ڦرلٽ جو الزام: عدالت  پهچي ويو 

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊياري جي خاتون اي سي نورالهديٰ  خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ  ارسلان پيٽرول پمپ جي مالڪ شمشاد ڪليري سيشن جج/جسٽس آف پيس نوشهروفيروز جي عدالت ۾ 22 اي ۽ بي جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ اي سي ڪنڊيارو نورالهديٰ، 2 ڪلارڪن امداد اڄڻ ۽  محمد علي شاھه ۽ اڻ سڃاتل ڊرائيور کي نامزد ڪيو ويو آهي، شمشاد ڪليري موجب هو ڪاروباري ماڻهو آهي،ڪنڊياري لڳ قومي شاهراھ تي سندس پيٽرول پمپ آهي 21 ڊسمبر تي اي سي نورالهديٰ پهچي پيٽرول پمپ جا K فارم سميت ٻيا دستاويز گهريا، ڪاغذ پيش ڪرڻ باوجود ساڻن بدتميزي ڪندي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون،   انهي دوران پمپ جي دخل جا خانا کوليا ويا، اي سي جي وڃڻ بعد هڪ لک 15 هزار رپيا،سلپن جون 4 بنديون ۽ ٻيا دستاويز گم هئا، هن چيوته  ايس ايڇ او ڪنڊيارو کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي