| ڪنڊيارو: پ پ اڳواڻن ۽ بلڊر ۾ ڦڏو: 50 لک ڀتي جا الزام: 4 اڳواڻ گرفتار: احتجاج سڏ |
ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊياري ۾ پ پ اڳواڻن ۽ بلڊر ۾ ڦڏو: 50 لک ڀتي جا الزام: 4 اڳواڻ گرفتار: احتجاج سڏ، ان ڏس ۾ ڪنڊيارو واسي بلڊرشمشاد ڪليري جي پٽ آڪاش ڪليري، الطاف لوڙهائي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ذريعي الزام مڙهيو آهي ته پ پ عهديدارن کانئن 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو آهي، هنن چيو ته اهي ڪنڊيارو ۾نيشنل هاءِ وي ڀرسان پلاٽنگ جو ڪم ڪري رهيا آهن، هنن سيد آفتاب شاھ جي ڀيڻ مسمات عابده پروين کان اها زمين خريد ڪئي آهي، جنهن جا سمورا ڪاغذ پڻ موجود آهن، آڪاش ڪليري چيو ته سندس والد شمشاد ڪليري بلڊر آهي،گذريل رات قاري عبدالحڪيم گهانگهرو، محبوب ابڙو، جاويد مڱريو، غفور مڱريو، امداد سهتو ۽ ٻين 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو، رقم نه ڏيڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ويون، سندن چوڪيدار تي تشدد ڪري ديوار پڻ ڊاٺي وئي،هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڪنڊيارو ٿاڻي تي پلاٽ جي مالڪياڻي سيد عابده جي منشي سدا چانڊيو جي فرياد تي پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري قاري عبدالحڪيم گهانگهرو، ڪنڊيارو تعلقي جي سينيئر نائب صدر محبوب ابڙو ، ڪائونسلر عبدالغفور مڱريو ،امداد سهتو ،جاويد مڱريو سميت 6 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو، ٻئي طرف پ پ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تان پ پ عهديدارن ۽ آل پارٽيز الائنس جي اڳواڻن عبدالحڪيم گهانگهرو، محبوب ابڙو عبدالستار ابڙو ، هارون ڪلھوڙو به پريس ڪانفرنس ڪندي اڱاري تي وڏي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شهر ۾ قبضا مافيا سرگرم آهي، عوامي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، آواز اٿارڻ تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته قبضا مافيا خلاف ٽائون ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، عدالتي دروازو پڻ کڙڪايو ويندو. هوڏانهن پوليس پ پ اڳواڻن محبوب ابڙو، قاري عبدالحڪيم گهانگهرو ، محبوب ابڙو ۽ امداد سھتو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٻين جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري هو